سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مبارڪباد پيش ڪرڻ تي سعودي ولي عهد جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان سان گڏ کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني وزيراعظم شهباز شريف حرمين شريفين جي متولي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت ۽ تندرستي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سعودي قيادت ۽ عوام کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد به ڏني ۽ چيو ته دعا آهي ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي صدقي سموري دنيا جي مسلمانن لاءِ امن ۽ خوشحالي اچي ان موقعي تي سعودي ولي عهد وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو.