غزه ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ايران، پاڪستان ۽ ترڪ پرڏيهي وزيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. ان موقعي تي شهزادي فيصل پرڏيهي وزيرن کي غزه ۾ هٿين خالي شهرين کي نشانو بنائڻ خلاف سعودي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ عالمي انساني قانونن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو شهزادي فيصل پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ غزه تي بمباري دوران شهرين جي تحفظ تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي ياد رهي ته جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته غزه ۾ جنگي ڏوهه تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي او آءِ سي غزه جي اسپتال تي بمباري کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪندي اسرائيل کان فلسطينين جي خلاف جارحيت بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته غزه پٽي جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. او آءِ سي عالمي برادري کان غزه پٽي لاءِ امداد فوري بحال ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.