سماجي اداري ٿرديپ طرفان ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ 25 هزار روڪ رقم ۽ مال جو چارو ڏنو ويو

سماجي اداري ٿرديپ پاران تعلقي ميهڙ جي مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي سهائتا لاء غريب مستحق عورتن ۽ مردن کي پنجويه هزار ڪيش ۽ مال جو چارو ڏنو ويو ان موقعي تي ضلع دادو جي انچارج ميڊم شهناز سيال مانيٽرنگ آفيسر ذيشان آرائين لائيولي ووڊ انچارج مير مرتضيٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرديپ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاء بهترين اپاء وٺي پئي اسان علائقي واسين جي تڪليفن کي ڏسندي ايڪيهه هزار هڪ سئو ڇهانوي ماڻهن کي روڪ رقم ڏني آهي جڏهن ته ايڪٽيهه هزار ننڍي جانورن جي کاڌ خوراڪ جي لاء چارو ڏنو آهي هنن چيو ته اسان مستحقن جي هر ممڪن مدد ڪريون پيا اسان جي ڪوشش آهي ته غريبن جي ايتري مدد ڪري سگهون جو هو پنهنجن پيرن تي بيهن ۽ پنهنجا ٻچا پالي سگهن سماجي اداري جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد صرف انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي اسين بغير ذات نسل جي خدمت تي يقين رکون ٿا جيڪا اولين ترجيح آهي.