سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ پراڻين زبون حال عمارتن جي سمورن رهواسين کي رهائش ڏيڻ ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته صوبي ۾ 740 عمارتون زبون حال آهن جن مان 51 انتهائي خطرناڪ آهن. انتهائي خطرناڪ عمارتن مان ئي 11 خالي ڪرايون ويون آهن هن چيو ته حڪومت لاءِ ممڪن ناهي ته زبون حال عمارتن جي سمورن رهواسين کي رهائش ڏئي. حڪومت موجود وسيلن مان ڪجهه خاندانن کي عارضي متبادل رهائش ڏئي سگهي ٿي. ماضي ۾ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين ۽ ڪووڊ مريضن کي عارضي شيلٽرز ڏنا هئا شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لياري بغدادي ۾ ڪندڙ عمارت جي چوڌاري موجود رهائش نه جوڳين عمارتن کي ڪيرائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.