“سنڌو درياء جي وارثي لاءِ آواز: سنڌي ادبي سنگت پريالوء جي دستوري گڏجاڻي ۾ اهم بحث”

پريالوءِ (رپورٽر) — سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي دستوري گڏجاڻي سينيئر شاعر استاد ڪندن لعل جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ شاعرن پنهنجي نڪور لکڻين ۽ اصلاحي تنقيد لاءِ پيش ڪيون. گڏجاڻي ۾ شامل سنگت مرڪز جي اڳوڻي آڊيٽر ۽ نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ اهم بيان ڏنو، جنهن ۾ هن چيو ته سنڌو درياء، جيڪو سنڌ جي حياتي ۽ ثقافت جو اهم جزو آهي، صرف ۽ صرف سنڌ ڌرتي وارن جو حق آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو سنڌو درياء جي وارثي لاءِ مضبوط آواز اٿاري، ۽ وفاقي حڪومت کي ان ڳالھ تي مجبور ڪري ته سنڌو درياء مان ڪو ڪيئنال نه ڪڍيو وڃي. سجاد ميراڻيءَ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪيئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته پاڻي سنڌ لاءِ حياتي آهي، ۽ پاڻيءَ کان سواءِ سنڌ جو وجود تباهه ٿي ويندو. ان موقعي تي سجاد ميراڻيءَ پاڻيءَ جي اهميت تي هڪ خوبصورت نظم پڻ پڙهيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياء جي لافاني اهميت ۽ ان جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو.صدارتي راءِ ڏيندي، استاد ڪندن لعل چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو هڪ اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي، ۽ ان حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي سنڌو درياء جي حوالي سان پنهنجون ڪوتائون، ڪهاڻيون ۽ تخليقون لکڻ گهرجن. جيئن اديبن ۽ شاعرن جو مزاحمتي ڪردار عوام ۽ واڳ ڌڻين تائين پهچي سگهي. استاد ڪندن لعل وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن هميشه سنڌ تي ٿيندڙ ناجائز وارين کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان روڪيو آهي ۽ انهن سنڌ جي ثقافتي، جغرافيائي ۽ سياسي حقن لاءِ مسلسل قلمي جهاد ڪيو آهي. هن سنڌي اديبن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي تخليقن ذريعي سنڌ جي حقن، خاص طور تي پاڻي جي حقن، جي تحفظ لاءِ آواز اُٿارين، جيئن ته اهي پنهنجن لفظن ۾ طاقت رکندا آهن ۽ پنهنجو اثر رکندڙ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.استاد ڪندن لعل اهو پڻ چيو ته اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي قلم جي طاقت سان سماجي، ثقافتي ۽ سياسي مسئلن تي روشني وجهڻ گهرجي، جيئن اهي پنهنجي تحريڪن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ کي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهن. ان گڏجاڻي ۾ ڪيترن ئي ٻين اديبن ۽ شاعرن پڻ پنهنجي ڳالهيون پيش ڪيون، جن ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ، سنڌو درياء جي بچاءُ، ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي زور ڏنو ويو.