سنڌو درياء مان سنڌدشمن ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌترقي پسند پارٽي جي مرڪزي جرنل سيڪريٽري هوت خان گاڏي ء ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ گهنٽاگهرکان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )سنڌو درياء مان سنڌدشمن ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌترقي پسند پارٽي جي مرڪزي جرنل سيڪريٽري هوت خان گاڏي ء ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ گهنٽاگهرکان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مرڪزي جرنل سيڪريٽري هوت خان گاڏي حيدرشاهاڻي ۽ سراڻ لاشاري ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوباڪڏهن به قبول نه ڪنداسين ڇھ ڪينال ڪڍڻ سنڌ جي زمين کي بنجرڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙي سازش قبول نه ڪنداسين وفاق هوش کان ڪم وٺي سنڌ دشمن ڪينال منصوبو جلد رد ڪيو وڃي جستائين ختم نه ڪيوويندو سنڌي قوم سراپا احتجاج بڻيل هوندي