ڪنڊيارو: ڪنڊيارو جي مقامي عدالت سنڌو نواز گهانگهرو ۽ سندس ڪارڪن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.عدالت سنڌو نواز گهانگهرو سميت سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.عدالت گرفتار ٿيل 7 ڄڻن جي ضمانت 10_10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي آهي.ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ هو ته فتح حق سچ جي ٿيندي آهي، پوليس گردي نه هلندي.ياد رهي ته بدامني خلاف احتجاج تان سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو.