سنڌي چئنل ء سنڌي اخبار جي سڏ تي اتر سنڌ جو تاريخي شھر غوثپور به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو۔

سنڌي چئنل ء سنڌي اخبار جي سڏ تي اتر سنڌ جو تاريخي شھر غوثپور به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو۔ شھر جي حرا پبلڪ اسڪول جي انتظاميه طرفان سنڌي چئنل ء سنڌي اخبارن جي سڏ کي موٽ ڏيندي شھر جي صوفي فقير شھيد بادشاه جي اڱڻ تي ھڪ زبردست ثقافتي تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ اسڪول جي سوين شاگردن کان علاوه سول سوسائٽي جي ڪيترن ئي معززين جي يو آ۽ جو امير سيد سھيل احمد شاه۔ ايس يو پي اڳواڻ درواوڙ سنڌي۔ اڪبر اوڳاھي ۔ علائقي جي نامور شاعر ۽ سگھڙ سليم ۽ ۔ ھندو پئنچايت جي اڳواڻ چوڌري رميش لال ۽ صحافين نارائڻ ناز۔ عبدالسميع بجاراڻي۔ برڪت ڀيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي اسڪول انتظاميه طرفان ڪوٺايل ثقافتي پروگرام ۾ ٻارن سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ تي روشني وڌي۔ ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻين مختلف مزاحيه خاڪا پيش ڪري آيل مھمانن کي خوب کلايو۔ سنڌ جي قومي گيتن تي جھمريون پائي خوب خوشي جو اظھار ڪيو۔ پروگرام جي اڳواڻي ڪندڙ حرا اسڪول جي پرنسپال استاد ظھور اوڳاھي طرفان آيل سڀني صحافين ۽ خاص مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا۔ پروگرام جي ڪمپيرنگ طارق ڀيو ڪئي۔ ان موقعي تي آيل ٻارن سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔۔