سنڌ آبادگار بورڊ ڪڻڪ جي سرڪاري طور خريداري ۽ اگھ مقرر نه ڪرڻ وارن فيصلن جي مخالفت ڪري ڇڏي

سنڌ آبادگار بورڊ  ڪڻڪ جي سرڪاري طور خريداري نه ڪرڻ ۽ اگھ مقرر نه ڪرڻ جي فيصلن جي مخالفت ڪري ڇڏي آھي ۽ 6 ڪينالز کي سنڌ سان گڏ ملڪ لاءِ ھاڃيڪار قرار ڏيندي ان خلاف جدوجھد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي.  سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته ڪڻڪ جي ڊي ريگيوليشن جي ھڪ طرفن فيصلن سان نه رڳو آبادگارن کي وڏي پيماني تي نقصان ٿيندو پر ان جي پوک ۽ پيداوار پڻ گھٽجي سگھي ٿي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، اسلم مري، عمران بوزدار، نواز  احمد نظاماڻي، طاھا ميمڻ،  احسن ارباب، صادق علي شاھ معصومي، محمد عمر جمالي،  مراد علي شاھ بُڪيرائي،  علي مردان شاھ ،  منظور احمد  سولنگي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت طرفان ڪڻڪ جي ڊي ريگيوليشن، پاڻي جي صورتحال ۽ 6 ڪينالز جي خلاف ھلندڙ جدوجھد سميت زراعت سان لاڳاپيل اھم معاملن تي غور ڪيو ويو.  اجلاس ۾ بورڊ جي صدر محمود نواز شاھ ڪڻڪ جي ڊي ريگيوليشن بابت تازو وفاقي حڪومت ۽ عالمي اداري جي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي ان ۾ بورڊ جي پيش ڪيل موقف کان آگاھھ ڪيو. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ چيو  ويو ته حڪومت ڪڻڪ جي ڊي ريگيوليشن تي گذريل سال کان ئي عمل شروع ڪري ڇڏيو آھي. زراعت ۾ ڊي ريگيوليشن جي پاليسي ھڪ طرفي مڙھي پئي وڃي، جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ جي پابندين ۽ ٻين سختين سبب آبادگار پنھنجي زرعي شين کي پرڏيھ ۾ وڪڻي نه پيا سگھن. ايڪسپورٽ واريون بازارون بند آھن.گذريل ٻن ٽن سالن ۾ پوک تي ٿيندڙ خرچ ٻيڻ کان ٽيڻ تائين وڌي ويا آھن. جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ مقامي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ سميت مختلف زرعي شين جا اگھه وڏي پيماني تي گھٽجي ويا آھن. ھن وقت به ٽماٽن جا آبادگار وڏي نقصان کي منھن ڏئي رھيا آھن ۽ انھن جا ٽماٽا 8 روپيا في ڪلو جي اگھ تي به ڪير وٺڻ لاءِ تيار نه آھي. جنهن ڪري آبادگارن جا پوک تي ٿيل خرچ پڻ نه ٿا نڪرن. زرعي شين جا اگھ گھٽجڻ سان آبادگارن کي مجموعي طور تي سوين ارب روپين  جو نقصان ٿيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته ڪڻڪ  ۽ ٻين زرعي شين جي ڊي ريگيوليشن جي ھڪ طرفن فيصلن سان نه رڳو آبادگارن کي وڏي پيماني تي نقصان ٿيندو پر ان جي پوک ۽ پيداوار پڻ گھٽجي سگھي ٿي. جيڪڏھن ڊي ريگيوليشن ڪرڻي آھي ته اھا رڳو خريداري ۽ اگھن جي حد تائين ھڪ طرفي نه ٿيڻ گھرجي پر پيداواري خرچن جھڙوڪ دوائن، ٻجن، ڀاڻن ۽ ڊيزل سميت سمورن لاڳاپيل معاملن ۾ ڪرڻ گھرجي، ان جي چر پر توڙي ايڪسپورٽ تي به ڪا پابندي نه لڳڻ گھرجي.   سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته آبادگار ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ ته مھانگا خريد ڪن ۽ انهن جي ڪڻڪ وري گھٽ اگھ تي وڪرو ٿئي. اھڙا ھڪ طرفا فيصلا آبادگارن توڙي زراعت لاءِ ھاڃيڪار آھن. ڪڻڪ ملڪ جو ھڪ اھم فصل آھي جيڪو فوڊ سيڪيورٽي جو ضامن آھي ان بابت ڪو به فيصلو تڪڙ ۾ نه ڪرڻ گھرجي جو اڳتي ھلي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته وڌيڪ 6 ڪينالز  ڪنهن به صورت ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي فائدي ۾ نه آھن. سنڌ اڳ ئي ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندي رھي آھي. سنڌ جي واھن ۽ شاخن جي پڇڙي وارا علائقا گھڻي ڀاڱي پاڻي کان محروم ئي رھندا آھن، اھڙي صورت ۾ 6 ڪينالز ٺھڻ سان سنڌ پاڻي کان وڌيڪ محروم ٿي ويندي. سنڌ جا ڪيترائي علائقا غيرآباد ٿي ويندا جنهن ڪري ملڪ جي ھڪڙن علائقن کي غيرآباد ڪري ٻين علائقن کي آباد ڪرڻ جھڙا غيرمنطقي عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿا ڪري سگھجن. اھي ڪينالز رڳو سنڌ لاءِ نه پر پوري ملڪ لاءِ به ھاڃيڪار آھن. سنڌ جا آبادگار انهن ڪينالز خلاف پنهنجي شروع ڪيل جدوجھد جاري رکندا.