سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪندڙ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن تي پوليس لاٺي چارج

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪندڙ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو قومي عوامي تحريڪ پاران اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتون به شامل هيون سنڌ اسيمبلي ۾ نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انتظاميا سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن ۽ علائقي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب قلم 144 جي حد اندر ڪنهن به احتجاج جي اجازت ناهي پوليس احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج پڻ ڪيو ۽ عورتن سميت قومي عوامي تحريڪ جي 10 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ٻئي طرف احتجاج سبب شار فيصل تي نرسري کان ايف ٽي سي تائين ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي رهي آهي