سنڌ ايڪسيلينس اسڪول پريالوءِ ۾ ثقافتي پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين، ۽ استادن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي

پريالوءِ(رپورٽر ) سنڌ ايڪسيلينس اسڪول پريالوءِ ۾ ثقافتي پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين، ۽ استادن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي.جيڪو سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو هو.پروگرام دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف ٽيبلو پيش ڪيا، جن ۾ سنڌ جي ثقافتي رنگن کي نمايان ڪيو ويو. ٽيبلو ۾ روايتي گيتن ۽ ڊانس جا مظاهرا شامل هئا، جيڪي سنڌ جي محبت، امن، ۽ يڪجهتي جي جذبي کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ وقف هئا.اسڪول جي پرنسپال ۽ استادن خطاب ڪندي چيو ته اهڙا ثقافتي پروگرام نه صرف شاگردن ۾ پاڻ ۾ اتحاد ۽ امن پسندي جو جذبو پيدا ڪن ٿا، پر انهن کي پنهنجي ثقافت سان پڻ روشناس ڪرائين ٿا. پروگرام ۾ اسڪولي شاگردن جي گڏيل ڪوشش کي ساراهيو ويو، جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پڻ شاگردن جي ڪارڪردگيءَ کي بيحد پسند ڪيو.تقريب جي پڄاڻي دعا سان ڪئي وئي، جتي سڀني سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري