سنڌ : ايگريڪلچر اينڊ فاريسٽري ورڪرز ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن (سافڪو) جي 37هين سالگره ملهائي وئي. سافڪو هيڊ آفيس ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ سافڪو، سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني ۽ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي ملازمن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي باني ۽ سربراهه سليمان جي ابڙو ان دور جي حالتن ۽ چئلينجن تي روشني وڌي جڏهن سافڪو جو بنياد وڌو ويو هو. هن چيو ته سافڪو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور ٻهراڙيءَ جي پٺتي پيل ۽ غريب ماڻهن کي ترقيءَ جي مکيه ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، اسين ڪمزور ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين ته جيئن انهن کي ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جا برابر موقعا ملي سگھن، جهڙي طرح پاڪستان جي آئين ۾ هرهڪ شهريءَ کي برابريءَ جا حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي هن سافڪو ملازمن کي مخاطب ٿي چيو ته مالي توڙي سماجي حالتون ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن پر اسان کي همٿ ناهي هارڻي ۽ غربت کي پنهنجي سوچ ۾ جاءِ ناهي ڏيڻي. اسين پهاڙ کي مٿي تي کڻي ته نٿا سگھون پر ان کي ٽڪي پنهنجو رستو ٺاهي سگھون ٿا، 1986ع کان هن وقت تائين اسان سوين اسڪول قائم ڪيا، اسپتالون ۽ روڊ ٺهرايا، ماڻهن ۾ جهالت خلاف شعور پيدا ڪيو، جنهنجي قيمت گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن کي ڀوڳڻ جي صورت ۾ به ادا ڪرڻي پئي، پر جيڪڏهن همٿ هاريون ها ته اڄ لکين ماڻهن کي سڌيءَ ريت ۽ ڪروڙين ماڻهن کي اڻ سڌيءَ ريت فائدو نه پهچائي سگھون ها. هيءَ سموري ڪاميابي مون اڪيلي جي نه پر اوهان ساٿين جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي. اسان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا وڪيل آهيون، ضلعي انتظاميا هجي يا عالمي بئنڪ جا نمائندا هجن اسان سدائين انهن جو ڪيس وڙهيا آهيون، اسان جي محنتن ئي ڪاميابين جا دروازا کوليا آهن. هي سافڪو ايندڙ نسلن جي امانت آهي، اسان جيڪي رستا ٺاهيا آهن، انهن تي ايندڙ نسلن کي هلڻو آهي، ماڻهن جي ڀلائي ۽ علائقن جي ترقيءَ جو هي سفر جاري رهندو، اسان جا حوصلا اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا. اسان ڪامل انسان ناهيون اسان ۾ به خاميون هونديون، اسان کي پنهنجي ڪاميابين تي ڪو به تڪبر ڪو به غرور نه آهي. اسان شيخ اياز جي انهن لفظن وانگر خدا کي عرض ٿا ڪريون ته اسان کي به پنهنجي پيار ۽ شفقت جي خيرات ڏي ته جيئن اسان انسان کي تنهنجو پرتوو سمجھي ان جي عزت ۽ احترام ڪريون ان کان اڳ سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته سافڪو سنڌ جي معاشري تي پنهنجا هاڪاري اثر ڇڏيا آهن، فخر جوڳا ڪم ڪيا آهن ۽ سماجي ڀلائي ۽ ترقيءَ جي تاريخ رقم ڪئي آهي. سافڪو جي سالگره اسان ۽ انهن لکين ماڻهن لاءِ عيد جي ڏينهن وانگر آهي، جن کي سافڪو جي خدمتن مان فائدو حاصل ٿيو آهي، اسان کي گھرجي ته سافڪو جي سالگره ۾ انهن ماڻهن کي به شريڪ ڪريون. سافڪو جو ذڪر ۽ سليمان جي ابڙو جو ذڪر لازم ملزوم آهن. سافڪو جون ڪاميابيون سليمان جي ابڙو جي ٻاجھاري شخصيت جون ڪاميابيون آهن، غريب طبقي جي لاءِ جدوجهد واري عزم ۽ عمل جون ڪاميابيون آهن، اسين سنڌ جي عوام کي سافڪو جي سالگرهه جون مبارڪون پيش ٿا ڪريون، ان عزم سان ته اسين وڌ کان وڌ محنت ڪنداسين ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين ان کان اڳ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي سِي اِي او بشير احمد ابڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سافڪو ۾ جيڪي لوئر اسٽاف جا ملازم هئا انهن کي موقعا ڏنا ويا ۽ اڄ انهن مان ڪيترائي انتظامي عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو سافڪو مان تيار ٿي پنهنجي جدا ادارن جا سربراهه بنجي ويا، ۽ ڪيترائي نوان ادارا قائم ٿيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي رميز اقبال چيو ته سافڪو 95 لک ماڻهن کي سڌي ريت فائدو ڏنو، جڏهن ته اڻ سڌي ريت فائدو حاصل ڪندڙن جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي. تقريب کي اقبال ميمڻ، شوڪت علي ابڙو، سترام سوٽهڙ، حبيب الله خلجي، معشوق علي قريشي، سيد زوار نقوي، عزيز گوپانگ، تنوير حسين سومرو، شهزادو نوناري، علينا ماريه، ناديه لاڙڪ، ماريه ميمڻ پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سليمان جي ابڙو سڀن جا ٿورا مڃيا ۽ معزز مهمانن کي سلمان رشيد جي لکيل انگريزي ڪتاب ’گرين لينڊس مئن، سليمان جي ابڙو‘ جون ڪاپيون پڻ ڏنيون.