سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي

پريالوءِ (رپورٽر )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي عوام جو ڪيس کڻي ٻٻرلوءِ پهتو آهيان اسان کي جيئن ڏيو جيئن لاءِ پاڻي ضروري آهي هو ٻٻرلوء باء پاس سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پنجاب ۽ وفاقي حڪومت خلاف جنگ آهي سخت احتجاج جاري رهندي ۽ اها جنگ وڙهڻي پوندي هن ڌرڻي کي هارين آبادگارن شاگردن نوجوانن عورتن ڪامياب ڪيو آهي اڄ ٻٻرلوء ۾ هي ڌرڻو پهريون آهي ۽ پنجاب ۽ وفاق کي هي پيغام آهي ۽ هي ڌرڻو پرامن هو ن ڪنهن کي گار ملي ن پٿر لڳو آهي هن چيو ته ت سنڌ جي جيئڻ جا رستا بند ڪندو ت نتيجا خراب نڪرندا حڪمرانو سنڌ فلسطين ن آهي هي 6ڪڙور انسانن جو وطن آهي آهي جيڪڏهن مجبور ٿي جنگ ڪندا ت وقت سڪندر جهڙا ب ختم ٿي ويندا هن چيو ت احمد شاھ عبدالي حملو ڪيو ت سنديانين پنهنجن مردن کي مينديون لڳايون سنڌي باوقار قوم آهي. هن چيو ته هن ڌرڻي ۾ سنڌ جون نياڻيون سورميون 8 ڪلاڪ گرميءَ ۾ ويٺل رهيون انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته سنڌو درياهه الله طرفان تحفو مليل آهي جيڪو سنڌ جي زمين کي سيراب ڪري ٿو ۽ اسان جيئون ٿا سنڌو درياهه اسان جي زندگيءَ آهي جيڪڏهن سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺهيا ت 6ڪروڙ انسان پکي جانور وڻ ٻوٽا آهن سڀ ختم ٿي ويندا. ۽ سنڌ موت جي وادي بڻجي ويندي. 15 سالن کان بلاول ڀٽو زرداري فيشن ڪري حڪمراني ڪري پيو آصف علي زرداري صدارتي محل ۾ ويٺل آهي انهن کي سنڌ سان نا انصافين ۽ سنڌ دشمن ٿيندڙ فيصلا ڪندڙ وفاقي حڪومت جي ٽيڪ ڏني ت پوء سندن سنڌ ۾ سياست دفن ٿي ويندي هن چيو سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف 9 نومبر تي حيدرآباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو 24 نومبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻو هنيو ويندو جيڪڏهن پنجاب حڪومت ۽ وفاقي حڪومت اڃا ب هوڏ تي رهي ت سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنال منصوبي خلاف جنگ وڙهندو. ان موقعي تي ڄام عبالفتاح سميجو شهناز شيخ جميلا سومرو حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو