سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ٽيڪس نظام آن لائين ڪرڻ ۽ ون لنڪ سان جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز ۽ ٽيڪنيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پراپرٽي ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس سميت ٻين معاملن تي به بريفنگ ڏني وئي. شرجيل ميمڻ اختيارين کي پراپرٽي ٽيڪس، پروفيشنل ٽيڪس ۽ ٻيا ٽيڪس حدف مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ ملازمن جي معطلي ۽ ٻين ڪارروائين جو حڪم ڏنو. بريفنگ ۾ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته حدف کي حاصل ڪرڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي 82 آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ کي پريميم نمبر پليٽس جي تياري جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ان دوران پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ 10، گولڊ ڪيٽيگري ۾ 11 جڏهن ته سلور ڪيٽيگري ۾ 10 پريميم نمبرز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ هدايت ڪئي ته ٽيڪس نظام آسان بنائڻ جي لاءِ آن لائين ادائيگي جو سسٽم شروع ڪيو ويندو. عوام جي سهوليت لاءِ ٽيڪس نظام جلد کان جلد لنڪ سان جوڙيو ويندو.