سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي جنهن سبب جانور ۽ پکي به پاڻي ڦڙي کان محروم ٿي ويا آهن سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آهي، پاڻي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو ٺپ بند ٿي ويو آهي، لاڙ ۽ سامونڊي پٽي ۾ پاڻي کوٽ سميت گڊو ۽ سکر بيراجن تي به پاڻي جي کوٽ آهي ٽنڊو محمد خان، بدين، سجاول، ٺٽو ۽ ٻيا علائقا ڏڪار واري صورتحال جي اثر هيٺ آهن بيگاري سنڌ فيڊر ۽ رائيس ڪئنال کي پاڻي جي فراهمي بند آهي، گرمي هجڻ باوجود ماڻهو پاڻي لاءِ ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻ تي مجبور آهن.