اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي عورتن جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سمورن سنڌين کي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، محبت، بهادري، مهمان نوازي جي تاريخ آهي، قومن جي پنهنجي ثقافت سان سڃاڻپ ٿيندي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جي ثقافت زنده رکڻ لاءِ وزارت قائم ڪئي. اسلام آباد ۾ قائم لوڪ ورثه ملڪ ۾ رهندڙ قومن جي ثقافت جي تاريخ بيان ڪنديون آهن پاڪستان پيپلز پارٽي عورتن جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سنڌ سميت پوري ملڪ جي عوام کي سنڌ جي ثقافت تي مبارڪباد ڏني آهي. فريال ٽالپر ثقافتي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مهراڻ وادي جي ثقافت 5 هزار سال قديمي ۽ عظيم تهذيب جي آئينه دار آهي. سنڌي ٽوپي، اجرڪ، آرٽ ۽ سنڌي زبان جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي هن چيو ته پاڪستان بي مثال ثقافتي ميراث سان مالا مال زمين آهي. پاڪستان جي هن عظيم ميراث کي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ميڊيا کي پاڪستان جي سمورين ثقافتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.