سنڌ جي خوراڪ واري وزير جو وڏو ايڪشن: ڪڻڪ ۾ ڪرپشن ۽ خردبرد تي ڪيترائي آفيسر برطرف

سنڌ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان جي سخت هدايتن تي خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن، ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ گهٽتائي ۽ غبن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن۔ مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ جي هزارين ٿيلهن جي کوٽ ظاهر ٿيڻ بعد ڪيترن آفيسرن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔قبو سعيد خان ۾ 65 هزار 393 ٿيلهن جي خردبرد تي امان الله مگسي، ٺل جيڪب آباد ۾ اسٽاڪ گهٽ هجڻ تي زيب علي مگسي، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ 10 هزار 300 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهٽ هجڻ تي ظهير احمد بروهي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي۔دربيلي ۽ پي آر سي مورو ۾ به ڪڻڪ جي وڏي کوٽ سامهون اچڻ بعد لاڳاپيل آفيسرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ لاکا روڊ، ڪوٽڙي ڪبير، پڊعيدن، نورپور ۽ محرابپور جي آفيسرن خلاف به ڪارروائي جاري آهي۔
مخدوم محبوب الزمان چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪرپٽ عنصرن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن۔ هن چيو ته سرڪاري نقصان جي مڪمل وصولي ڪئي ويندي ۽ ذميوارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويندا۔