سنڌ جي مختلف شهرن مان اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ هندو برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن جي بازيابي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ڪشمور گڊو، بڊاڻي مان اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، جڳديش ڪمار جئديپ ڪمار ۽ ٻين مغوي جي بازيابي لاءِ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، بخشاپور، بڊاڻي ۽ گڊو ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هندو برادري طرفان شٽربند هڙتال جي اعلان بعد، ڪشمور شهر جي مين بازار، سونارا بازار، مڇي مارڪيٽ، نيو سبزي منڊي، مسلم بازار سميت شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهڻ سبب سمورو شهر ويراني جي منزل جو ڏيک ڏيڻ لڳو، جڏهن ته ٻئي طرف يوٿ الائنس، سول سوسائٽي ۽ ٻين تنظيمن طرفان ڪشمور پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي وئي آهي ياد رهي ته ضلعي ڪشمور مان، 15 کان مٿي ماڻهو هن وقت ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، جنهن جي ڌاڙيلن طرفان بازيابي لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڀنگ جي رقم پڻ طلب ڪئي آهي هوڏانهن ضلعي ڪشمور اندر وڌندڙ اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ سبب سموري ضلعي جي عوام ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي ٻئي پاسي هندو برادري جي سڏ تي غوثپور شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي نينگري ڪوثر ۽ نياڻي نازيه کوسو، مُکي جڳديش، ساگر ڪمار جئديپ ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ کي ڌاڙيلن ڀنگ خاطر اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ باندي بڻائي ڇڏيو وڌندڙ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري جي سڏ تي شهر اندر مڪمل شٽر بند هڙتال شهرين سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي چوڌري رميش لال، نارائڻ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو