سنڌ : جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري

سنڌ: جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي ويو آهي دوداپور، فريد آباد، ڄام نواز علي، لعلو رائنڪ، قمبر، قبو سعيد خان، قاضي احمد ۾ برسات پئي آهي جڏهن ته جوهي، واهي پانڌي سميت ڪاڇي ۽ کيرٿر جي جابلو پٽي تي برسات بعد نيون وهي آيون آهن نئين گاج 18 فوٽ وهي اچڻ سبب ماڇي ڍوري وٽان 200 فوٽ گهارو پئجي ويو آهي جنهن سبب 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي پاڻي وهڪرن سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي ٻئي پاسي موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اوڀر هوائن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ اڄ منجهند ۽ شام تيز برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي موجب، ٿرپارڪار، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽي، سجاول، بدين ۾ به برسات پوندي، جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي