سنڌ جي وڏي وزير نارڪوٽڪس ڪنٽرول لاءِ تربيت يافته عملو ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منشيات جي روڪٿام لاءِ ايڪسائيز پوليس کي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ ۽ ايڪسائيز کاتي کي گهربل ضرورتن جي سمري اماڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ونگ لاءِ تربيت يافت عملو ڀرتي ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت اجلاس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.  بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ڊرگ مافيا جي خلاف زبردست آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.