سنڌ جي 10 رڪني ڪابينه اڄ حلف کڻندي

سنڌ ڪابينه جي لاءِ شروعاتي طور تي 10 نالن جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪي اڄ حلف کڻندا. پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ ڪابينه جي لاءِ شروعاتي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ذريعن موجب صوبائي ڪابينه ۾ ناصر شاهه، سعيد غني ۽ شرجيل ميمڻ جا نالا شامل هوندا، عذرا فضل پيچوهو، سردار شاهه، ضياءُ لنجار ۽ محمد بخش مهر به حلف کڻندا. حلف برداري تقريب اڄ شام 5 وڳي منعقد ٿيندي. سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري اڄ شام 5 وڳي گورنر هائوس ۾ ڪابينه کان حلف وٺندو.