وزيراعظم شهباز شريف سنڌ حڪومت جي خدشن تي ارسا چيئرمين جي مقرري جي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچ ۾ رابطو ٿيو آهي آبپاشي واري وزير ٻڌايو ته وزيراعظم ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته ظفر محمود جي بطور ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو ان حوالي سان وڏي وزير پنهنجي موقف ۾ چيو ته سي سي آءِ ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته چيئرمين جي مقرري روٽيشن بنياد تي صوبن جي ميمبرن سان ٿيندي. جنهن تي وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جي وزير جو موقف مڃي ورتو آهي ياد رهي ته سنڌ حڪومت انڊر ريور سسٽم اٿارٽي(ارسا) جي چيئرمين جي مقرري رد ڪندي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. مراد علي شاهه چيو هو ته نه صرف مقرري پر جنهن شخص کي مقرر ڪيو ويو ان تي به اعتراض آهي. ارسا جو مقصد ئي اهو هو ته ان ۾ وفاق جي مداخلت نه هجي. نگران حڪومت آرڊيننس ذريعي ترميم ڪئي هئي ته وفاق جو هڪ نمائندو ارسا جو ميمبر هوندو.