سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪرڻ تي اڳوڻن وزيرن، ايم پي ايز ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ حڪومت اڳوڻن وزيرن، ايم پي ايز ۽ آفيسرن طرفان سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي سرڪاري گاڏيون ڳولا ڪرڻ ۽ غير واسطيدار ماڻهن جي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي قائم وئي آهي ايڊيشنل سيڪريٽري، ايس اينڊ جي ڊي اي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي گم ٿيل سرڪاري گاڏين جي جاچ ڪندي جڏهن ته جاچ ڪميٽي 2007 کان سال 2016 تائين گاڏين جي خريداري جو ڪارڊ به چيڪ ڪندي. سرڪاري گاڏيون ڪٿي ڪٿي ناجائز استعمال ٿيون، جاچ ڪميٽي ان جو به جائزو وٺندي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل ڪميٽي آفيسرن، اڳوڻن وزيرن ۽ اڳوڻن ايم پي ايز کي ست ڏينهن ۾ گاڏيون واپس ڪرڻ جو لکندي. نوٽيس جي باوجود گاڏيون واپس نه ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي لاءِ اينٽي ڪرپشن کي خط لکيو ويندو.