سنڌ حڪومت ڪراچي جي وڌيڪ ٻن روڊن تي گلابي بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پهرين مارچ کان ڪراچي جي وڌيڪ 2 روٽس تي پنڪ بس سروس هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ٽرانسپورٽ بابت سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنه، پي ڊي اين آر ٽي سي صهيب شفيق، آپريشن مئنيجر عبدالشڪور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پاور هائوس چورنگي نارٿ ڪراچي مان انڊس اسپتال روٽ ٽو ۽ نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور سي ويو روٽ، 10 تي پهرين مارچ کان گلابي بس سروس هلائي ويندي.هن چيو ته سڀاڻي کان گلابي بس سروس جي ماڊل ڪالوني کان ٽاور روٽ ون جو فليٽ به وڌايو ويندو. ماڊل ڪالوني مان ٽاور پنڪ بس روٽ تي بسن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.شرجيل ميمڻ چيو ته اين آر ٽي سي کي هدايت ڏيندي چيو اهي ته ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي وڌيڪ نون روٽس تي سروي مڪمل ڪيو ويندو۽ هاڪس وي روڊ تائين به پيپلز بس سروس هلائڻ جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي وڌيڪ نون روٽس جو به جلد آغاز ڪيو ويندو.