سنڌ سان پاڻي، وسيلن ۽ آدمشماري جي مسئلن تي زيادتي پئي ٿي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر شاهه محمد شاھه، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھه تي ملاقات ڪري ملڪ ۽ سنڌ جي موجودہ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته نواز ليگ ۽ وزيراعظم شھباز شريف سنڌ جي اھم مسئلن تي ڌيان ڏين، سنڌ سان پاڻي، وسيلن ۽ آدمشماري جي مسئلن تي زيادتي پئي ٿي، زرداري مافيا ۽ سنڌ حڪومت ڪي اين شاهه، وارهه، بدين، دادو، ميرپورخاص سميت سڄي سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نااھل ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن پنھنجون ٻنيون بچائڻ لاءِ سم نالن، شاخن ۽ واھن کي ڪٽ ھڻي شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙي لکين ماڻھن کي دربدر ڪري ڇڏيو، خوشحال سنڌ جا ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن.هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي رھن ٿا، اھي پرڏيھي سنڌ جي وسيلن تي بار آھن، روزگار تي قابض آھن.سيد شاهه محمد شاھه چيو ته مريم نواز جلد سنڌ جو دورو ڪندي، مسلم ليگ نواز جمھوريت ۾ يقين رکي ٿي، عمران نيازي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، نواز شريف ھن ملڪ بچائي سگهي ٿو، عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي.