سنڌ مخالف منصوبا بند ٿيڻ گهرجن: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جا ماڻهو ڪينال منصوبي کي رد ڪن ٿا، ۽ سنڌ مخالف منصوبن کي بند ڪيو وڃي. حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمر ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي تي پيپلز پارٽي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. سنڌ جي ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته اهي پيپلز پارٽي سان گڏ آهن. هن چيو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ هڪ ئي صفحي تي هيون، پر عوام انهن کي تاريخي شڪست ڏني ۽ اهي پنهنجو چهرو ڏيکارڻ جي قابل نه رهيا. اهي سڀئي هڪ ئي نقطي تي اٽل هئا ته پي پي کي شڪست ڏيڻي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جي ووٽرن اسلام آباد کي شڪست ڏني آهي، ۽ پيغام ڏنو آهي ته هن صوبي جا ماڻهو اڃا تائين شهيد بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري سان گڏ بيٺا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام ڪينال منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان سدائين عوام جي حقن جي جنگ وڙهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قيدي نمبر 420 ڇهه ڪينالن مان ٻن ڪينالن جي اجازت ڏني هئي، ان وقت به پ پ مزاحمت ڪئي هئي ۽ عوام جي طاقت سان بي اعتمادي آڻي ٻن ڪينالن جي اجازت ڏيندڙ کي گهر موڪلي ڇڏيو هو، اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ اسان جي قومي ۽ عالمي ذميواري آهي. هن چيو ته هي اهڙو مسئلو آهي، جيڪو وفاق کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، جيڪو عالمي سطح تي پاڪستان کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، هيءَ جنگ منهنجي ۽ توهان جي جنگ آهي ۽ اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، سڀ کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو پاڻي جي جنگ وڙهي هئي، هن تڪراري ڊيمن خلاف آواز اٿاريو. سندس چوڻ هو ته اسان ڪينالن منصوبي خلاف مستقل آواز اٿاري رهيا آهيون پر اسلام آباد وارا انڌا ۽ ٻوڙا آهن، اهي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، دهشتگرد تنظيمون بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حملا ڪري رهيون آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي باهه ٻريل آهي، اهڙي صورتحال ۾ توهان نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان وفاق کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اسان جي اُڃ مرڻ جو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تڪراري ڪينال ٺاهڻ وارا اسلام آباد ۾ ويٺا آهن ۽ انهن وٽ طاقت اسان جي ڪري آهي، جيڪڏهن اڄ شهباز شريف وزيراعظم آهي ته کيس سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي وزارتون نه کپن، جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته پوئتي نه هٽنداسين، صدر زرداري جي پاليسين هارين کي خوشحال بڻائي ڇڏيو هو ۽ پاڪستان ڪڻڪ برآمد ڪري رهيو هو پر ن ليگ رڳو عوام جو رت چوسي رهي آهي، اها پارٽي جيئن سنڌ ۽ پنجاب جي هارين جو رت چوسي رهي آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. پ پ چيئرمين چيو ته 25 سالن کان پاڻي جي کوٽ هلي رهي آهي ۽ اهي هاڻ چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن توهان نئين علائقي کي آباد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڀلي ڪيو پر سنڌ جو سودو نه ڪنداسين.