سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ تاريخي لينس ڊائون پل جي زبون حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پل جي فوري مرمت جو حڪم ڏئي ڇڏيو، تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾تاريخي لينسڊائون پل جي زبون حالي بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ڊبل بينچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت لينس ڊائون پل جي فوري مرمت جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ سهيل ميمڻ جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر، چيف انجنيئر سکر بئراج، ڊائريڪٽر هيريٽيج پيش ٿيا، عدالت سکر هيريٽيج ڪميٽي جوڙي ڇڏي. عدالت ٽاور جي احاطي مان سمورا جھنڊا ۽ بينر هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لائٽنگ بحال ڪئي وڃي، انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي، سول سوسائٽي اڳتي وڌي ۽ تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته ڏهن نالن جي حالت بهتر ڪئي وڃي. روزانو، اسان دورو ڪنداسين.ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل ميمڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته پل جي خوبصورتي لاء رائو اينڊ راڻا بلڊرس 5 لک ۽ سکر پريس ڪلب طرفان 50 هزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاء سول سوسائٽي۔وڪيل ۔انجنيئر۔صحافي گڏيل ڪردار ادا ڪنداسين۔