سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ نيو علي آباد ڪالوني ايسوسيئشن طرفان بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ نيو علي آباد ڪالوني ايسوسيئشن پاران نيو علي آباد ڪالوني ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ،چورين ڦرن ۽ ڪالوني ۾ ڊرينيج نظام ناڪاره هجڻ خلاف احمدنواز انقلابي،امجد علي بليدي،اصغر ابڙو،ايوب قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ ريڊيو پاڪستان چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي، امجد علي بليدي، علي اصغر ابڙو، ايوب قمبراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالوني ۾ بنيادي سهولتون موجود ناهن ڊرينيج سسٽم ناڪارا بڻيل آهي ڪالوني ۾ گندو پاڻي بيهي رهي ٿو جنهن سبب رهواسي بيمار ٿين ٿا پاڻي نيڪال لاء پمپنگ اسٽيشن قائم ڪئي وڃي پاڻي نيڪال ڪري صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي ڪالوني جي اندر روزانو جي بنياد تي چورين جا واقعا ٿي رهيا چور ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي سامان کڻي وڃن ٿا موبائل فون زبردستي کسي رهيا آهن موٽر سائيڪلون چوري ٿي رهيون آهي ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن ڪالوني کي بدامني جي ور چاڙهيو ويو آهي اڳواڻن چيو ته ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڪرڻ جي باوجود اتنظاميه ڪو ايڪشن وٺڻ لاء تيار ناهي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته ڪالوني مان گندو پاڻي ڪڍڻ لاء جيڪڏهن پمپنگ اسٽيشن قائم نه ڪئي وئي ۽ ڪالوني مان ٿيل سموريون چوريون واپس ڪرائڻ کان علاوه چورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته اسان هي احتجاج جو دائرو وڌائنداسين. هن وقت هڪ هفتي جو ٽائيم ڏئي رهيا آهيون هفتي کان جيڪڏهن انهن جائز مطالبن کي تسليم نه ڪيو ويو ته ٻيو ڌرڻو هٽڙي باء پاس تي هڻنداسين اسان هاڻ ڪالوني واسين کي بي سهارا نٿا ڇڏي سگهون هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ٿين احتجاج ۾ لياقت ابڙو،عجب گل کوسو، شمشير عباسي، شاهنواز جتوئي، رام جي ٺاڪر، نثار ڪلهوڙو، سميت ٻيا شريڪ هئا.