سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديليون، اڄ شام نون وزيرن جي حلف برداري متوقع

سنڌ حڪومت ۾ وڏي سياسي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي 12 وزيرن جا قلمدان تبديل ٿيڻ ۽ ڪجهه نون چهرن کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد هي اهم قدم کنيو آهي.امڪاني تبديليون: سعيد غني کي ليبر کاتو ملڻ جو امڪان ناصر حسين شاهه کي مڪاني حڪومت کاتو اسماعيل راهو کي يونيورسٽيز وارو کاتو ڄام خان شورو جو به کاتو تبديل ٿيڻ جو امڪاننوان چهرا: ايم پي اي لياقت کي پهريون ڀيرو وزير بڻائڻ تي غور ڊاڪٽر شام سندر ڪي آڏواڻي کي وڏي وزير جو خاص صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي سنجيده سوچ ويچارترجمان گورنر هائوس جي تصديق:ترجمان موجب، “نون وزيرن ۽ صلاحڪارن جي حلف برداري اڄ شام 4:30 وڳي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيندي، جتي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت جي شرڪت متوقع آهي.”پسمنظر: ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه وزيرن جي ڪارڪردگي تي قيادت غير مطمئن هئي، ان ڪري انهن جا کاتا واپس وٺڻ ۽ ٻيهر ورهائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. هن تبديلي سان حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي اميد ڪئي پئي وڃي.