سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) ايندڙ مالي سال کان سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان اوگرا ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي اوگرا کي پنهنجي درخواست ۾ ايس ايس جي سي پهرين جولاءِ 2024ع کان گيس جي قيمت ۾ 324.03 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ جي اجازت طلب ڪئي آهي ۽ گيس جي نئين سراسري قيمت 1740.80 رپيا مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي آواز بند ڪريو ڄاڻايل درخواست ۾ سوئي سدرن 79 ارب 63 ڪروڙ رپين جي روينيو شارٽ فال جو اندازو لڳايو آهي، جنهن ۾ مقامي گئس جي مد ۾ روينيو شارٽ فال 56 ارب 69 ڪروڙ رپيا جڏهن ته آر ايل اين جي جي شارٽ فال جو اندازو 22 ارب 93 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي. 50 لک روپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي اوگرا سڀاڻي ڪراچي ۽ 20 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.