پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي جا اجلاس غيرقانوني طريقي سان ٿيا آهن اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته 8 فيبروري تي عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان کٽي آهي. اسان جون ٽوٽل 227 سيٽون آهن. پي ٽي آءِ جا 86 قومي اسيمبلي جا ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا جڏهن ته سنڌ ۾ 9 ايم اين ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت ڪئي هن چيو ته قانون ۾ لکيل آهي ته آزاد اميدوار 3 ڏينهن جي اندر ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. عوام مينڊيٽ ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن به عوامي مينڊيٽ کي آڏو رکندي فيصلو ٻڌائي. اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به فيصلي اسان جي آئيني ۽ قانوني گهرج کي پورو نه ڪيو آهي. مخصوص سيٽن جي فوري بعد اجلاس نٿو ٿي سگهي. سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي جا اجلاس غيرقانوني طريقي سان ٿيا آهن پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪاز لسٽ ۾ ڪيس ئي نه هو. ڪيس نه هجڻ سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻ حامد رضا چيو ته اسان پي ٽي آءِ جا اتحادي آهيون. هڪ مينڊيٽ چور کي راتو رات پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. اسان 6 ڏينهن اڳ درخواست داخل ڪئي هئي. اسان جي درخواست خلاف 6 اپيلون به داخل ڪيون ويون ۽ اڄ نمبر به الاٽ ٿي ويو آهي. آخري ساهه تائين پي ٽي آءِ سان گڏ آهيون.