سنڌ ۾ انساني حقن خلاف ڀڃڪڙين جي رپورٽ جاري، سڀني کان وڌيڪ پوليس خلاف شڪايتون داخل

سنڌ ۾ 5 مهينن دوران انساني حقن جون 1271 ڀڃڪڙيون ٿيون. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي گذريل 5 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب صوبي ۾ سڀني کان وڌيڪ 786 شڪايتون پوليس جي خلاف رپورٽ ٿيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روينيو کاتو، تعليم ۽ پورهيت واري کاتي خلاف وڌيڪ شڪايتون داخل ڪيون ويون، سنڌ ۾ زيادتي جا 43 ۽ آپگهات جا 94 ڪيس رپورٽ ٿيا. ان کان علاوه سنڌ صوبي ۾ اغوا جا 157 ۽ قتل جا 373 ڪيس رپورٽ ٿيا. انساني حقن واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو آهي ته پوليس جي خلاف شڪايت تي آءِ جي سنڌ کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.