سنڌ ۾ بد امني جي باهه ڀڙڪي رهي علماء اڪرام سميت ڪوبه شهري محفوظ ناهي شڪارپور جي علائقي لکي غلام شاه وٽ تحريڪ لڀيڪ جي اڳواڻن کان ڦر ٿي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ ڦريل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا

سکر اهڙن خيالن جو اظھار تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن مفتي شفيق احمد ٻرڙو , پير محمد علي جان نقشبندي , مولانا محمد موسي ٻرڙو , مولانا سجاد طاهري ۽ ٻين سان گڏ لکي غلام شاه ٿاڻي تي ڳالهائيندي ڪيو هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي بي لغام ڇڏي ڏنو ويو آهي سنڌ جا روڊ رستا غير محفوظ بڻيل آهن هن چيو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي شوري جو اڳواڻ صوفي يۡحي قادري , سجاد سيفي , سليمان سروري ائڊووڪيٽ وقار قادري , محمد شعيب قادري سان گڏ سکر مان اجلاس ختم ڪري واپس لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته لکي غلام شاه ويجهو ٽن اڻڄاتل هٿياربندن کين يرغمال بڻائي روڪ رقم , موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو آهي هن ڇيو ته سنڌ جو ڪو به شهري محفوظ ناهي ڌاڙيل وارداتون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن هن چيو ته پوليس انتظآميه ڦريل سامان واپس ڪرائڻ جو آسرو ڏنو آهي جيڪڏهن واپس نه ٿيو ته احتجاجي سلسلو شروع ڪيو ويندو