ڪراچي : سنڌ جي نگران ڪابينا ۾ قابل اعتماد شخصيتن کي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نگران وڏي وزير لاءِ مشاورت شروع ڪئي وئي آهي تفصيل موجب سنڌ ۾ نگران حڪومت جو مدو ڊگهو ٿيڻ جو خدشو آهي، پ پ ذريعن ٻڌايو آهي ته نگران ڪابينا ۾ قابل اعتماد ماڻهن کي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته حالتن ۽ واقعن سبب چونڊون وقت تي ڪرائڻ ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي پر نگران وڏي وزير لاءِ صلاح مشورا شروع ٿي ويا آهن پ پ ذريعن موجب پ پ قيادت سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته تجويز ڪيل نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.