سنڌ: ۾ ڪڻڪ جي فصل کي ڀاڻ ڏيڻ جو ٽائيم آهي ۽ ان ئي ٽائيم ۾ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ شروع ٿي ويئي

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل کي ڀاڻ ڏيڻ جو ٽائيم آهي ۽ ان ئي ٽائيم ۾ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ شروع ٿي ويئي آهي جڏهن ته ڀاڻ جون فيڪٽريون پڻ سنڌ ۾ آهن جڏهن ڀاڻ کان اڳ ڪڻڪ جي پوکائي جو ٽائيم هو ته ان مهل مسڪين هارين جي سارين جو فصل لٿو عين ٽائيم تي 5 هزار في مڻ سپر سارين جي ريٽ مان سيٺين ڪيرائي 3500 کان 4000 روپيه ساريون في مڻ خريد ڪيون اتي هاري کي في مڻ 1500 روپيه نقصان ڏنو ، جڏهن ته هاڻ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪيون ويٺا آهن ڊي اي پي جي في ٻوري تي تقريبن  5 هزار روپيه ، نائٽروفاس تي 25 سئو روپيه جڏهن ته يوريا في ٻوري تي 15 سئو روپيه واڌارو وٺن پيا سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ جي هر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ هر تعلقي جو اسٽنٽ ڪمشنر ، مختيارڪار ۽ زراعت کاتي جا ڊائريڪٽر صاحبان ڇو خاموش آهن اهو به انهن سيٺين آڏو جنهن لاء اسين ڪمزور ۾ ڪمزور سنڌي ان تي مڇان مرڙي دهمان ڪندا آهيون ته(( تون واڻيو آهين واڻيو ٿي رھ )) يا کڻي ائين چئجي ته ڪنهن پنهنجي تي دهمان ڪرڻ لاء چوندا آهيون ته (( ڇا مان واڻيون آهيان )) هاڻ اهي ئي سيٺيون جنکي اسين ڪجھ به نه سمجهندا آهيون اهي سرعام ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪيو ويٺا آهن . سوين نه هزارين نه بلڪه لکين ڀاڻ جون ٻوريون سندن ڀانڊن ۾ پيل آهن پر مجال آ جو هڪ ٻوري به دوڪان تي رکن ٿا صرف نالي ماتر سرڪاري ريٽ جا بورڊ هنيو ويٺا آهن جيڪو ٿو مسڪين ڀاڻ لاء وڃي ته انکي اهو چئي موٽايون ڇڏين ته سائين اسان وٽ ڀاڻ آهي ئي ڪو نه ۽ انهن وٽان رات جو ٽراليون ڀاڻ جون ڀرجن اها سڀ ماجرا آهي ڇا آخر هر ماڻهونء کي سوچڻ تي مجبور آهي ته اصل يا  سرڪاري ريٽ تي ڀاڻ آهي پر جيڪڏهن انهنجي من پسند ريٽ مطابق ڀاڻ وٺجي ته پوء چوڻ ٿا ته ٿورو ترسي اچجانء شام جو ڀاڻ ايندو ۽ هر مجبور ماڻهونء کي ائين سرعام ڦريو وڃن هاڻ اصل ڳالھ ڏانهن اچجي ته ڇا واقعي سيٺيون يا ديوان سنڌ سرڪار ، روينيو ، زراعت کاتي ۽ سنڌ پوليس جي اعلا عملدارن کان ايترا زورآور آهن يا انهن پٺيان ڪي ٻيا هٿ ملوث آهن ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي هر شهر ۾ هن مهل سرڪاري ڌر جا ڀوتار ويٺل آهن ۽ اهي سيٺيون يا ديوان انهن جا گماستا آهن انهن ئي جا ڪمائو پٽ آهن ڇو جو هڪ ماڻهون جيڪڏهن ڪنهن کي ڪروڙين روپيه ڪمائي ڏيندو ته انکي اهو پيارو لڳندو جڏهن ته نه ڪمائڻ واري اولاد به انکي اوتري پياري نه لڳندي هاڻ نظر ڦيرايون ٿا سنڌ ۾ واسطيدار کاتي ۽ مقامي سطح تي مقرر آفيسرن کي ته اهي به ان ئي در جا سلامي جنهنجا سيٺيون گماستا ۽ اچون ٿا مقامي سطح تي قانوني اداري يعني سموري سنڌ جي پوليس تي ته اها به ان در جي نوڪر جنهنجا سيٺيون نوڪر ته اصل ڳالھ ئي اها آهي ته سنڌ جي مسڪين مارن ، ھارين ، پورهيتن جو اصل دشمن ئي اهو ڀوتار ، پير ۽ مير آهي جن جي آڏو جلد ئي اسان جهمريون هڻندا سين ته اسانتي لک ٿورا ڪري ڇڏيا ڀوتار سائين اسانجي اڱڻ تي اچي ڪي ڀوتار آيو آ ووٽ ته ڇا ڀوتار ته اسانجي ننگن جو ئي وارث آهي ۽ وري پوء پورا پنج سال وري روئڻ پٽڻ ۾ پورا هوندا سين