سون اگهه ۾ رڪارڊ واڌ، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

سڄي ملڪ ۾ سون قيمت تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1500 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 9 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا واڌ بعد 2 لک 65 هزار 346 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 12 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 2 هزار 9 سئپ 48 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.