سون اگهه ۾ مسلسل گهٽتائي، وڌيڪ سوين رپيا سستو

ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 500 رپين جو ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 2143 رپيا گهٽتائي بعد 2 لک 57 هزار 639 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 24 ڊالر لاٿ کانپوءِ 2 هزار 863 جو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته فروري 2025 دوران في تولو سون مجموعي طور تي 8700 رپيا مهانگو ٿيو، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 7468 رپيا وڌي، ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 71 ڊالر اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.