سون جي اگهه ۾ معمولي واڌ

ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت 300 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن پوءِ في تولو سون جي قيمت ٻه لک 18 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي ايسوسيئيشن موجب اهڙيءَ ريت 10 گرام سون جو اگهه 257 رپيا مهانگو ٿي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ڏهه گرام سون جواگهه هڪ لک 87 هزار 414 رپيا ٿي ويو آهي ٻئي پاسي عالمي بازار ۾ سون جو ملهه 6 ڊالر وڌي 2035 ڊالر في اونس آهي.