ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3500 رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 48 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 3021 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 13 هزار 220 رپين جو ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالر لاٿ سان 2361 ڊالر في اونس آهي.