سون جي قميت ۾ اڄ به وڏي گهٽتائي سامهون اچي وئي

 پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قميت ۾ وڏي گهٽتائي سامهون آئي آهي. في تولي سون جي قيمت 800 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 39 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 686 رپيا سستو ٿي ٻه لک 5 هزار 75 رپين جو ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 20 ڊالر واڌ سان 2 هزار 312 ڊالر في اونس آهي.