سون جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي، اڄ به سوين رپيا سستو ٿي ويو

ملڪ: ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 600 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 21 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون 514 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 90 هزار 158 رپين جو ٿي ويو آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 4 ڊالر گهٽجڻ سان 1914 ڊالر في اونس آهي.