سون جي قيمت ۾ 10 هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي

ملڪ: ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ هزارين رپين جي گهٽتائي سامهون آئي آهي ملڪي سونارا مارڪيٽن ۾ اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 10 هزار 500 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي ساڍا 10 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 22 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون 9 هزار ٻه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 90 هزار 586 رپين جو ٿي ويو آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1926 ڊالر في اونس آهي.