ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1 هزار 600 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 45 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 371 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 10 هزار 562 رپين جو ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 25 ڊالر واڌ سان 2370 ڊالر في اونس آهي.