سوٽ بوٽ پائي گهرن ۾ لوٽ مار ڪرڻ وارو چور گرفتار

ڪراچي جي ٿاڻي نيو ٽائون جي پوليس ڪارروائي ڪندي چوري جي وارداتن ۾ ملوث هڪ اهڙي بہروپئي کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو بزنس مين جو روپ اختيار ڪري ڪيترن ئي گهرن جو صفايو ڪري چڪو آهي. هن حوالي سان ترجمان ايسٽ پوليس ٻڌايو آهي ته ملزم وارداتن لاءِ بزنس مين جو روپ اختيار ڪندو هو ۽ سوٽ بوٽ پائي مختلف اپارٽمنٽس ۾ چورين ڪندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم جي اهڙين وارداتن جون گهڻيون سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن ۽ بہروپي چور کي فوٽيجز جي مدد سان شناخت ڪرڻ کان پوء گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان پوليس موجب گرفتار ملزم جو نالو عارف علي آهي ۽ ان کان 15 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جا زيورات برآمد ڪيا ويا آهن.