تفصيل موجب سياري ۽ بهار جي موسم ۾ بجلي جي وڌيڪ استعمال لاءِ سياري پيڪيج پلان تيار ڪيو ويو آهي. توانائي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو بجلي جي طلب 8 هزار کان وڌائي 15 هزار ميگا واٽ ڪرڻ چاهين ٿا، ظرفيت جي ادائيگي جي چارجز جو بار به گهٽ ڪيو ويندو جڏهن ته اضافي بجلي صنعت، ڪمرشل ۽ گهريلو صارف استعمال ڪري سگهندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سياري پيڪيج جي حتمي منظوري ڪابينا ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو ۽ پيڪيج جي حتمي منظوري کانپوءِ ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو. رعايتي پيڪيج تي ڊسمبر کان عملدرآمد جي تجويز آهي، اپٽاما فيڊريشن ۽ چيمبرز سان صلاح مشورا به مڪمل ڪيا ويا آهن.