اڳوڻي پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته سياست ۾ حصو وٺندڙ سمورن فوجي آفيسرن جي خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته اسان جو سمورو وقت انهي ۾ گذريو وڃي ته هن کي پڪڙيو، هُن کي گرفتار ڪريو، ڳالهين وارا هتي ويٺل آهن، ملڪ جو وقت انهي سان ضايع ٿي رهيو آهي. عارف علوي چيو ته ڳالهين جي لاءِ ڪيس ته ختم ڪريو، ملڪ کي اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، تبديلي اچڻ وارا آهي، اهڙيون حرڪتون ڪندو ته انهي جي پوري دنيا مذمت ڪندي. هن چيو ته اهو چيو پيو وئي ويو ته 70 ارب روپين جي انويسٽ ايندي اها ڪٿي آهي؟ ملڪ جي عدليه کي تباهه ڪيو ويو آهي، عمران خان کي اندر ڪرڻ سان ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، اسمگلنگ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي هر ادارو پئسا ٺاهي رهيو آهي. اڳوڻي صدر چيو ته هي سڀ مليل آهن، عمران خان اڳ ئي چيو هو ته هي سڀ گڏ ٿيندا، هاڻ هن وقت هي سڀ ملي مزا ڪري رهيا آهن، پر ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. عارف علوي چيو ته عمران خان جي نالي وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي، ڪالهه ڪرڪيٽ ميچ ۾ عمران خان جي حق ۾ ڪيترا نعرا لڳا هئا. اهڙن حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هاڻ به وقت آهي ته ريجيم چينج کي ڇڏيو، سٺو وقت ايندو، تبديلي اچڻ واري آهي. هن چيو ته لاشن کي لڪايو پيو وڃي، گم ٿي ويل ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو پيو وڃي انهن جي جاچ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پر هي سڀ اسان جي پويان لڳل آهن. اڳوڻي صدر چيو ته ظلم جو نظام تبديل ٿي رهيو آهي، عمران خان آزاد ٿيندو مان چوان ٿو، جنهن به سياست ۾ حصو ورتو انهن سڀني فوجي آفيسرن جي خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي. عارف علوي چيو ته عمران خان چيو آهي ته ڳالهيون ڪريو، حڪومتي اختيارين سان نه، ڳالهيون اهم ماڻهن سان ٿيڻ گهرجن. تشدد به اسان تي ٿي رهيو آهي ۽ سوال به اسان کان ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ملٽري ڪورٽ عمران خان جي دور ۾ فعال نه ٿي هئي، اسان سڀني جي مٿان دهشتگردي جا ڪيس آهن. قانون دهشتگردي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، اسان جي خلاف نه، ملٽري ڪورٽ عمران خان جي حڪومت کان اڳ ڪيسز ٻڌي رهي هئي، اسان جي دور ۾ نه. اڳوڻي صدر عارف علوي جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. جنهن جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز انور ڪئي. وڪيل چيو ته درخواستگذار اڳوڻو پاڪستان جو صدر آهي، انهي تي سلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جسٽس اعجاز انور پڇاڻو ڪيو ته علوي صاحب اوهان ضمانت جي لاءِ هتي آيا آهيو؟ جنهن تي عارف علوي چيو ته جي مان ضمانت جي لاءِ آيو آهيان، منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پهريان منهنجي مٿان هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو هو ته هٿيار سپلاءِ ڪندو آهي، حڪومت موجب مان دهشتگرد آهيان. جسٽس اعجاز انور ريمارڪس ڏنا ته اها ته بدقسمتي آهي. جعنهن کان پوءِ عدالت عارف علوي جي 14 فيبروري تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.