سيبس يونيورسٽي ڄامشورو طرفان ايراني آرٽ ۽ خطاطي تي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج ڄامشورو ۾ ايراني آرٽ ۽ خطاطي تي ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. ورڪشاپ، فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ پاران ڪرايو ويو جنهن ۾ ايراني خطاطي آرٽسٽ ڊاڪٽر علي پيران شاگردن کي ڄاڻ فراهم ڪئي. ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته خطاطي هڪ منفرد انداز ۾ اظهار جو هڪ طريقو آهي ۽ ڊاڪٽر علي پيران ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ قرآن پاڪ کي منفرد خطاطي جي انداز ۾ لکيو آهي. هن چيو ته سيبس يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ماحول دوستي واري پيغام تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته يونيورسٽي قرآن پاڪ ۽ ان جي امن ۽ ڀائيچاري جي پيغام تي ڪم شروع ڪري. تقريب کي خطاب ڪندي ايراني خطاطي آرٽسٽ ڊاڪٽر علي پيران چيو ته مون قرآن پاڪ کي شڪستهء نستعليق فونٽ ۾ لکيو آهي، جيڪو خطاطيءَ جو منفرد انداز آهي. هڪ حديث پاڪ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته جيڪو شخص بسم الله کي هڪ ڀيرو خوبصورت انداز ۾ لکندو، ان کي بنا ڪنهن پڇاڻي جي جنت ۾ موڪليو ويندو.  تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري چيو ته شاگردي دور جي زندگي تمام خوبصورت هوندي آهي، نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏين ۽ ڪيريئر ۾ ترقي لاءِ محنت ڪن ڇو ته عملي زندگيءَ جون مختلف گهرجون هونديون آهن. هن چيو ته شاگردن پاران پنهنجون تصويرون ٺاهڻ جو خيال ڪافي پرڪشش هو ۽ مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ هن ملڪ لاءِ بهتر ڪم ڪندا. خانهء فرهنگ، ايراني ڪلچرل سينٽر حيدرآباد جي ڊائريڪٽر رضا پارسا چيو ته ايراني حڪومت سيبس يونيورسٽي انتظاميا جي شڪر گذار آهي جنهن هڪ نامور ايراني فنڪار کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي صلاحيتن کي شاگردن سان شيئر ڪري. هن چيو ته 50 سالن کان خانهء فرهنگ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين سان فن ۽ نمائشن جي فروغ لاءِ سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ سيبس يونيورسٽي، ايراني ڪلچرل سينٽر سان مسلسل سهڪار ڪري رهي آهي. رضا پارسا چيو ته ايراني حڪومت شاگردن کي اسڪالرشپ فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر لڳ ڀڳ پندرهن شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ ايران جو سفر ڪري رهيا آهن. فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن فضل الاهي خان آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ورڪشاپ جي اهميت تي روشني وڌي. سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو مهمانن کي سنڌي اجرڪ اوڍايو ۽ شيلڊون پيش ڪيون. افتتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڳوڻي پروفيسر سيد فرمان علي شاهه، سيبس يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.