سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هيڪ سنڌ جي سهڪار سان استادن جي تربيت وارو پروگرام پڄاڻيءَ تي پهتو

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ فيڪلٽي ميمبرن جي تدريسي صلاحيتن ۽ علم ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي سهڪار سان شروع ڪيل ستن ڏينهن وارو تربيتي پروگرام ٽريننگ آف ٽرينرس پڄاڻي تي پهتو. ٽريننگ دوران موثر تدريس جا طريقا، نصاب جي ترقي، سائڪوموٽر ڊومين، او بِي اِي جو متعارف ڪرائڻ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسين، اخلاقيات، پيشي وراڻو رويو، آرٽ ۽ ڊيزائن جي تعليم لاءِ هدايتي ڊيزائن، اثرائتي تحقيق، شاگردن جي ڪائونسلنگ، ڪميونيڪيشن اسڪلز، ڪوالٽي اشورنس، ريسرچ گرانٽ ۽ ڪمرشلائيزيشن تي مختلف سيشن رکيا ويا. ٽريننگ ۾ شامل فيڪلٽي ميمبرن کي تدريس، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل کي وڌيڪ ۽ جديد گهرجن آهر سمجھڻ جو موقعو مليو. پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ڊاڪٽر امجد آرائين، ڊاڪٽر اويس کتري، ڊاڪٽر رضوان علي شاهه، ڊاڪٽر آغا احمد نبي، ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، ڊاڪٽر ايم. مراد ميمڻ، ڊاڪٽر شعيب احمد، ڊاڪٽر بنفشا سيد، ڊاڪٽر ڪبير ڌيرواڻي، آرڪيٽيڪٽ فهد نظاماڻي، عبدالمالڪ چنا، اسرا جان ۽ عظميٰ آريسر ٽريننگ سيشنن ۾ ليڪچر ڏنا ٽريننگ جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙ فيڪلٽي ميمبرن، آرگنائيزرن ۽ ماسٽر ٽرينرز کي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو سرٽيفڪيٽ ڏنا.