سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊيزائن ڊيموڪريسي يوٿ اليڪشن 2024ع منعقد

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ ڊيزائن ڊيموڪريسي يوٿ اليڪشن 2024ع منعقد ٿي. ڪميونيڪيشن ڊزائن جي 20 شاگردن پاران هلايل مهم جي رهنمائي فيڪلٽي ميمبرن محمد سليم جهتيال، شاهد قيوم ميمڻ، ايمن قريشي ۽ عاصمه قريشي ڪئي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو اليڪشن مهم جو دورو ڪيو ۽ شاگردن جي تخليقي خيالن کي ساراهيو اليڪشن جو بنيادي مقصد شاگردن ۾ گڏيل قومن جي تعليم، صحت ۽ معيشيت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڪيمپس ۾ ڪرايل فرضي اليڪشن جي نتيجن کي ماپڻ هو. هن مهم ۾ شاگردن کي ڊزائن جي اصولن، مشن، چونڊ مهم ترتيب ڏيڻ، مثبت سماجي تبديلي کي هٿي ڏيڻ، شاگردن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جديد ۽ پائيدار حل تيار ڪري، ملڪ جي سياسي منظرنامي. شاگردن کي ڪيمپس تي صحيح اليڪشن هلائڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪيو ويو اليڪشن ۾ شاگردن پاران 311 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جنهن ۾ تقي و تشخيص پارٽي 87 ووٽ حاصل ڪيا، نوائي سحر 85، ڪاروان عمل 72، عوامي آواز 36 ۽ تغير 30 ووٽ حاصل ڪيا.