سينئر صحافي جان محمد مهر جي ياد ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ طرفان تصويرن جي سامهون ڏئيا ٻاري خراج تحسين پيش

سکر : ۾ قتل ٿيل سينئر صحافي جان محمد مهر جي ياد ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ طرفان شهيد صحافي جي تصويرن جي سامهون ڏئيا ٻاري خراج تحسين پيش ڪئي وئي آهي تقريب ۾ حيدرآباد جي صحافين سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ يونين آف جرنلسٽ جئه پرکاش، جاني خاصخيلي، فاضل چنا، ارشاد چنا، عبدالحفيظ عابد، وسيم خان، سمر جتوئي ۽ ٻين ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافرز گل نڇاور ڪري ۽ ڏئيا ٻاريا سينئر صحافين جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جو قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن جي پوري پاڪستان ۾ صحافي برادري شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ قاتلن جي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ صحافي برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.